دائود پوٽو صادق محمد عباسي ثاني

دائود پوٽو، صادق محمد عباسي ثاني: نواب صادق محمد خان عباسي ثاني، پهرين رجب المرجب 1224هه/12 آگسٽ 1809ع تي محمد بهاول خان ثانيءَ جي وفات کانپوءِ تخت نشين ٿيو. هن جي دؤر کان پهرين ٽالپر حاڪمن ۽ بهاولپور جي حاڪمن جا تعلقات مستحڪم هئا ۽ هڪٻئي جي ڏک سک ۾ شامل ٿيندا هئا، پر نواب صادق محمد عباسي ثانيءَ جي تخت نشين ٿيڻ بعد ٽالپرن ۽ بهاولپور جي عباسي حاڪمن جي وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا. نتيجي ۾ ٽالپرن ۽ دائودپوٽن جي وچ ۾ ٻه جنگيون لڳيون. نواب صادق محمد خان ثانيءَ ۽ مير غلام علي خان ٽالپر جي وچ ۾ پهرين لڙائيءَ بابت مير محمد حسن علي خان ٽالپر پنهنجي مثنوي ’فتحنامه سنڌ عرف شاهنامه سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير سهراب خان خيرپور جي والي پنهنجو لشڪر بهاولپور ڏياري موڪليو، جيڪو احمدپور وٽ پهچي هڪ سڪل واهه جي تري ۾ جنگ جو مورچو ٺاهي ويهي رهيو. نواب صادق محمد به پنهنجو لشڪر وٺي اچي آڏو ٿيو، جنگ شروع ٿيڻ کان پهرين نواب صادق محمد انهيءَ واهه جو منهن کولرائي ڇڏيو، جنهن ڪري ٽالپري لشڪر پنهنجو سامان، پٽڪا، جتيون سڀ ڪجهه واهه ۾ ڇڏي وٺي ڀڳو. نواب محمد صادق تڪبر وچان پٽڪن ۽ جتين جون هڙون ٻڌائي ٺٺوليءَ طور حيدرآباد موڪلي ڏنيون، جنهن تي مير غلام علي خان ٽالپر کي ڪاوڙ آئي ۽ هن پنهنجو لشڪر تيار ڪري طاهر محمد خدمتگار کي جنگ لاءِ موڪليو. طاهر محمد جي سرڪردگيءَ ۾ ٽالپرن جي فوج نواب صادق محمد کي شڪست ڏني. جنهن کانپوءِ مجبور ٿي نواب صادق محمد صلح ڪيو، جنهن موجب سبزل ڪوٽ جو قلعو، ٻارهن هزار روپيا سالياني ڍل ٽالپرن کي ڏيڻ جو طئي ٿيو ۽ ان کانسواءِ شهزادي نواب رحيم يار خان کي يرغمال طور حيدرآباد موڪليو ويو. اها جنگ شوال 1224هه/ نومبر 1809ع ۾ لڳي. نواب صادق محمد جو پٽ نواب رحيم يار خان 16 ذوالقعد 1224هه/ 23 ڊسمبر 1809ع تي يرغمال طور حيدرآباد پهتو، جتي ٽالپر اميرن کيس عزت سان رهايو ۽ 22 محرم الحرام 1225هه/ 27 فبروري 1810ع تي شهزادو يرغماليءَ جي مدت پوري ڪري احمدپور وڃي پنهنجي والد سان مليو.
مٿين جنگ کانپوءِ نواب صادق محمد خان ۽ مير غلام علي خان ٽالپر جي وچ ۾ ٻي جنگ 1226هه/1811ع ۾ لڳي. بهاوپور جي وزير اعليٰ ۽ سپهه سالار نصير خان گورگيچ، صاله افغان ذريعي مير سهراب خان ٽالپر ڏانهن خفيه خط موڪليو، جنهن ۾ بهاولپور تي حملي ڪرڻ جي آڇ ڪيل هئي. نصير خان گورگيچ هڪ طرف مير سهراب ڏانهن خط لکيو، ٻئي طرف پنهنجي رازدار دوستن: فتح محمد غوري، احمد خان افغان، غلام قادر ۽ ڌمان سنگهه (جيڪي رياست ۾ وڏن وڏن عهدن تي فائز هئا) کي گهرائي کين سمجهايو ته جڏهن ٽالپرن جو لشڪر سرحد تي پهچندو، ان وقت آءٌ (نصير خان) ٻار ٻچا وٺي فوراً سنڌ ڏانهن هليو ويندس، پٺيان توهين ملڪ ۾ انتـشـار پيـدا ڪري نواب صادق مـحمـد کي تـخـت تـان لاهـي شهزادي نواب رحيم يار خان کي مسندنشين ڪجو. انهيءَ موقعي کي غنيمت ڄاڻي حيدرآباد جي ٽالپر حاڪم، نواب ولي محمد خان لغاري ۽ مير هالي خان ٽالپر کي لشڪر ڏئي بهالپور فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. انهيءَ جنگ ۾ ٽالپرن جڏهن گهڻي ڀاڱي رياست بهاولپور تي قبضو ڪري ورتو، تڏهن مجبوراً نواب صادق محمد خان کي صلح ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي. آخرڪار صلاح مصلحت کان پوءِ وري ٻيهر شهزادي نواب رحيم يار خان کي يرغمال طور 12 محرم الحرام 1226هه/ 6 فبروري 1811ع تي سنڌ موڪليو ويو. هن جنگ ۾ ٽالپر اميرن کي تاوان ۾ ٻه مشهور قلعا ۽ گهڻو ڪجهه مليو. مير غلام علي خان ٽالپر اهي ٻه قلعا پاڻ وٽ رکيا ۽ سبزل ڪوٽ خيرپور جي ٽالپر حڪمران کي ڏئي ڇڏيائين. هن جنگ جي فتح بابت مير غلام علي مائل ٺٽويءَ جي قطعه تاريخ ملي ٿي، جنهن جا چند بند هيٺ ڏجن ٿا:
شڪر لله ڪ خوش بفتح وظفر
بـمــن امــداد ايـزدي مـنـان
فـوج شِـاهـانِ سـند گـردون فــر
صاحب شرڪت و حشمت وشان
سال اين فتح هاتفم فرمود
”فتح ياب آمده جيوش شهان“
1226هه
نواب صادق محمد خان ثاني عباسيءَ جو حڪومتي دؤر سٺو نه رهيو، هن سورهن سال حڪومت ڪئي. هن 1241هه/ 1825ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1809.08.12  عيسوي

نواب صادق محمد خان عباسي ثاني، پهرين رجب المرجب 1224هه/12 آگسٽ 1809ع تي محمد بهاول خان ثانيءَ جي وفات کانپوءِ تخت نشين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشد منهاس
عبيدالله لاشاري
دلاور خان هالاڻي
برڪلي
عشرت حسين ڊاڪٽر
جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر
سجاد حسين ڀٽي
بابو غلام حسين
رازي فخرالدين
رڪ صاحب فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون